SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


قرآن شريف


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

قرآن شريف

(Holy Quran)

”قرآن“ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ گهڻو پڙهيل ڪتاب يا قرئت ڪيل آهي. قرآن شريف مسلمانن جو الهامي ڪتاب آهي. هي ڪتاب الله تعاليٰ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم تي نازل ڪيو. هي ڪتاب وحيءَ جي صورت ۾ حضرت جبريل عليھ السلام الله تعاليٰ طرفان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم تي حصن ۾ پهچائيندو هو. قرآن شريف اٽڪل 23 سالن جي عرصي ۾ نازل ٿيو. قرآن شريف اسلامي قانون جو پهريون ماخذ به آهي. قرآن شريف ۾ 30 سيپارا آهن. جن ۾ نيڪي ۽ حڪمت جون ڳالهيون بيان ٿيل آهن. عرب جڏھن سنڌ ۾ آيا ته پاڻ سان گڏ اسلامي تعليمات لاءِ قرآن شريف به کڻي آيا. ان ڏس ۾ ڪيترن ئي مستند روايتن ۾ اچي ٿو ته قرآن شريف جو پهريون ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪيو ويو. قران پاڪ جو پھريون منظوم سنڌي ترجمو مولوي احمد ملاح (1877-1970ع) ڪيو اھي. ان کان علاوه ڪيترن ئي عالمن قرآن شريف جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ۽ تفسير لکيا آهن.


قرآن شريف سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

ڪسوٽي

سن. ڪَسَهه = ڪَسوٽِي. سون پرکڻ جو ڪارو پٿر يا روهي ، سونارڪو اوزارُ. پرک ، معيار ، جاچ ، آزمائِش.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal